اڪبر لغاري

اڪبر لغاري

اڪبر لغاري

اڪبر لغاري

اڪبر لغاري

اڪبر لغاري: مشھور اديب، نقاد ۽ ڪھاڻيڪار، اڪبر لغاريءَ جو جنم، 30 نومبر 1963ع تي ڀاڻوٺ ڀرسان ڳوٺ ٽالھي خان لغاري، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۽ هالا مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اڪنامڪس ۾ ايم. اي ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان 2003ع ۾ قانون جي ڊگري (LLB) حاصل ڪئي. اڪبر لغاري شروع ۾ تعليم کاتي ۾ JST مقرر ٿيو. 1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ پاڪستان ڪاليج سعيدپور ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو گڏيل چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. 2002ع ۾ ترقي ماڻي ڊپٽي سيڪريٽري، 2007ع ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ 2014ع ۾ سيڪريٽري ٿيو. ان دؤران اي ڊي او روينيو ڄام شورو، ڪمشنر حيدرآباد، ڊي سي او عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جو ڪمشنر رهيو، جڏهن ته 2016ع کان 2021ع تائين ثقافت کاتي جو سيڪريٽري رهيو. ٻه ڀيرا سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو نگران چيئرمئن ۽ تعليم کاتي جو سيڪريٽري رهيو. اڪبر لغاري لکڻ جي شروعات 1992ع ۾ ڪئي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. اڪبر لغاري جتي به رهيو آهي، اتي ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائي آهي. پنھنجي ڳوٺ ۾ ’علامه آءِ آءِ قاضيءَ‘ جي نالي سان لائبرري قائم ڪرڻ کان سواءِ مانجهند شھر ۾ ’استاد حيدر علي خان لغاري لائبرري‘ ۽ روحل واءِ عمرڪوٽ ۾ ’حليم باغي لائبرريءَ‘ جو بنياد وڌو. لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر هجڻ دوران سنڌ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر رهيو. اڪبر لغاري شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز بابت ڪانفرنسون پڻ ڪرايون آهن. بحيثيت نقاد، هن ڪيترن ئي ناولن تي تنقيدي مضمون لکيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سنڌي ادب جو مختصر جائزو‘ (روشني پبليڪيشن: ڪيترائي ڇاپا)، ’فلسفي جي مختصر تاريخ‘ (2003ع)، ’ادبي تنقيد جي تاريخ‘ (ماءِ پبليڪيشن سکر: 2016ع)، ’ڪوي عمرڪوٽ جا‘ (2010ع)، ’عمرڪوٽ ايامن کان‘ (2010ع)قابل ذڪر آهن. سندس ادبي خدمتن عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن.


لفظ اڪبر لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو